ڪمپيوٽر سائنس، عالمي رينڪنگ ۾ چين جي يونيورسٽي چنهوا جو پهريون نمبر

بيجنگ: چين جي چنهوا يونيورسٽي چنهوا يونيورسٽتي ڪمپيوٽر سائنس جي شعبي ۾ آمريڪا جي يونيورسٽين کي رينڪنگ ۾ مات ڏيندي پهرين نمبر تي اچي وئي آهي، جيڪا ان شعبي ۾ علامتي تبديلي ظاهر ڪري ٿي. پهريون ڀيرو، چنهوا يونيورسٽي اهڙين ڪيترين عالمي رينڪنگن ۾ اڳتي نڪتي آهي، جن ۾ يو ايس نيوز بيسٽ گلوبل يونيورسٽيز ۽ CSRankings شامل آهن. اهوا هڪ اهڙو سسٽم آهي، جيڪو تحقيقي برادري ۾ سخت سائنسي معيار ۽ روايتي طور تي آمريڪي مرڪزيت لاءِ مشهور آهي. تازي CSRankings جي نتيجن موجب، جيڪي ادارن کي مصنوعي ذهانت، ڪمپيوٽر سسٽم، نظريي ۽ گهڻ رخي تحقيق ۾ فئڪلٽي جي اعليٰ سطحي ڪانفرنسن ۾ شايع ٿيل مقالن جي بنياد تي پرکين ٿا. ڪيترن سالن کان ڪمپيوٽر سائنس ۾ نمبر ون تي آمريڪا جي ڪارنيگي ميلن يونيورسٽي کي چنهوا يونيورسٽي پوئتي ڇڏي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. شنگهائي جياو ٽانگ يونيورسٽي، زيجانگ يونيورسٽي، ۽ پيڪنگ يونيورسٽي ترتيبوار ٽئين، چوٿين ۽ پنجين نمبر تي رهيون. هاڻي ٽاپ 10 ۾ اڌ ادارا ايشيائي ۽ اڌ آمريڪي آهن، جيڪو هن شعبي ۾ ايشيا جي وڌندڙ طاقت کي ظاهر ڪري ٿو. آمريڪا کي جديد ڪمپيوٽر سائنس جو باني مرڪز سمجهيو ويندو آهي. پهرين برقي ڪمپيوٽرن جي ايجاد کان وٺي انٽرنيٽ جي تخليق تائين۔ MIT، اسٽينفورڊ، ڪارنيگي ميلن، ۽ يو سي برڪلي جهڙيون يونيورسٽين هن شعبي جا معيار مقرر ڪيا ۽ اهڙا سائنسدان ۽ انجنيئر تيار ڪيا، جن سليڪون ويلي ۽ عالمي ٽيڪنالاجي، جي صنعت کي جنم ڏنو. CSRankings، جيڪو ايمري برگَر (يونيورسٽي آف ماساچوسٽس ايمهرسٽ) پاران تيار ڪيو ويو آهي، مڪمل طور تي شمارياتي ۽ شفاف آهي. اهو اهڙين رينڪنگس جو متبادل آهي، جيڪي شهرت جي بنياد تي ٺاهيون وينديون آهن جهڙوڪ يو ايس نيوز اينڊ ورلڊ رِپورٽ. چنهوايونيورسٽي يو ايس نيوز بيسٽ گلوبل يونيورسٽيز فار ڪمپيوٽر سائنس ۾ پڻ پهرين نمبر تي آهي، جيڪا دنيا ڀر ۾ عوام، پاليسي ٺاهيندڙن ۽ شاگردن لاءِ معتبر مڃيل فهرست آهي. هن رينڪنگ ۾ ٽاپ 10 مان ڇهه ادارا چين جا آهن، جڏهن ته اسٽينفورڊ يونيورسٽي اٺين نمبر تي سڀ کان مٿي آمريڪي ادارو آهي. چنهوا جي ترقي چين جي حڪومت جي ڊگهي عرصي واري سيڙپڪاري ۽ ملڪ جي وڌندڙ ٽيڪنالاجي شعبي سان ويجهي رابطن جو نتيجو آهي. يونيورسٽي اعليٰ سطحي جرنلن ۾ مقالا شايع ڪرڻ ۽ پرڏيهي ملڪ مان ماهر واپس آڻڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، جنهن سبب اها مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپيوٽر سسٽم جهڙن شعبن ۾ اڳڀرائي تي اچي وئي آهي. بهرحال، CSRankings مطابق، آمريڪي يونيورسٽيون اڃا تائين الگورٿمز، ڪمپيوٽيشنل پيچيدگي، ۽ ڪرپٽوگرافي جهڙن بنيادي شعبن ۾ برتريءَ ۾ آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا جون روايتي قوتون اڃا ختم نه ٿيون آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن چيني يونيورسٽيون اوپن سورس نظامن، بين الاقوامي سهڪار ۽ ٽيلنٽ جي ترقيءَ ۾ اڳڀريون رهنديون، ته ايندڙ پنجن سالن ۾ هو CSRankings جي ٽاپ 10 ۾ اڌ جڳهون حاصل ڪري سگهن ٿيون.

China's Chenhua University ranked first in computer scienceworld ranking