عمر ايوب، شيخ وقاص اڪرم ۽ زرتاج گل کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن عمر ايوب، شيخ وقاص اڪرم ۽ زرتاج گل کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف سنگجاني جلسه ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن ۾ عدالت عمر ايوب، شيخ وقاص اڪرم ۽ زرتاج گل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت پي ٽي آءِ جي ٽنهي اڳواڻن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

دهشتگردي جي عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت عمر ايوب جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. جج ريمارڪس ڏنا ته هي سمورا ماڻهو هڪ ڀيرو به هن ڪيس ۾ پيش ناهن ٿيا.

ٻڌڻي جي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان سردار محمد مصروف خان، آمنه علي ۽ مرتضيٰ طوري  ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Sheikh Waqas Akram and Zartaj GulThe order to arrest and present Umar Ayub