ڊيٽا شيئر نه ڪرڻ تي انڊونيشنيا ۾ ٽڪ ٽاڪ عارضي معطل

لنڊن : انڊونيشيا ڊيٽا شيئر نه ڪرڻ تي مشهور سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ جو آپريٽنگ لائسنس عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي.انڊونيشيا جي مواصلات ۽ ڊجيٽل معاملن واري وزارت موجب، ٽڪ ٽاڪ آگسٽ ۾ حڪومت مخالف احتجاج دوران پنهنجي لائيو فيچر لاءِ ڊيٽا فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.ٻئي طرف، ٽڪ ٽاڪ جي ترجمان چيو ته ٽڪ ٽاڪ انهن سڀني ملڪن جي قانونن جو احترام ڪري ٿو جتي اهو ڪم ڪري ٿو ۽ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ انڊونيشيائي اختيارين سان رابطي ۾ آهي.هڪ پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ٽڪ ٽاڪ تي انڊونيشيائي استعمال ڪندڙن جو تعداد 100 ملين کان وڌيڪ آهي.

TikTok temporarily suspended in Indonesia for not sharing data