اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران مثبت رجحان

ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي دوران مثبت رجحان ڏٺو ويو.اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس واپاري هفتي دوران 6,733 پوائنٽس جي واڌ کان پوءِ 168,990 پوائنٽس تي بند ٿيو.واپاري هفتي دوران 100 انڊيڪس 7,929 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، هينڊريڊ انڊيڪس جي بلند ترين سطح 169,988 پوائنٽس هئي جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ سطح 162,058 پوائنٽس هئي، اسٽاڪ ايڪسچينج جو هفتيوار ٽرن اوور 364 ارب رپيا هو، جڏهن ته هفتي دوران مارڪيٽ ۾ 7.42 ارب شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، هڪ هفتي ۾ مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 618 ارب رپين کان وڌي 19,660 ارب رپيا ٿي وئي آهي.

Positive trend during business week in stock exchange