حماس امن منصوبي لاءِ تيار ، اسرائيل غزهه تي حملا روڪي، ٽرمپ

واشنگٽن : حماس هڪ مستقل امن لاءِ تيار آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حماس پاران جاري ڪيل بيان جي بنياد تي هڪ بيان جاري ڪيو.هڪ مختصر وڊيو پيغام ۾، صدر ٽرمپ چيو ته هو انهن ملڪن جو شڪريو ادا ڪري ٿو جن هن ڪم کي ممڪن بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل تي زور ڏنو آهي ته هو غزه تي بمباري کي فوري طور تي بند ڪري ته جيئن يرغمالين جي محفوظ ۽ جلدي آزادي ممڪن ٿي سگهي،هن چيو ته هن صورتحال ۾ يرغمالين جي آزادي تمام خطرناڪ هوندي، صدر ٽرمپ چيو ته تفصيل طئي ڪيا پيا وڃن، اهو صرف غزه تائين محدود ناهي، هن وڌيڪ چيو ته اهو وچ اوڀر ۾ ڊگهي عرصي کان جاري امن ڪوششن سان لاڳاپيل آهي.

حماس وڏي پيماني تي امن منصوبو قبولي ورتو
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 20 نقطن واري غزه امن منصوبي کي وڏي پيماني تي قبول ڪري ورتو آهي.مزاحمتي تنظيم حماس آمريڪي صدر ڊونلڊ جي غزه جنگ بندي منصوبي تي پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.الجزيره سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ باخبر ذريعن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته حماس صدر ٽرمپ جي منصوبي تي پنهنجو جواب ثالثن کي جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.ٽرمپ جي منصوبي تي رد عمل ظاهر ڪندي حماس پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته هو غزه تي اسرائيل جي جنگ جي خاتمي ۽ اسرائيلي فوجن جي مڪمل واپسي جي بدلي ۾ سڀني اسرائيلي قيدين کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. حماس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو مسئلي جي تفصيل تي بحث ڪرڻ لاءِ ثالثن ذريعي ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي.تنظيم چيو ته هو غزه جي انتظاميه کي فلسطيني ٽيڪنوڪريٽس تي مشتمل هڪ آزاد ۽ غير جانبدار اداري جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هي ادارو قومي اتفاق راءِ ۽ عرب ۽ اسلامي حمايت جي بنياد تي قائم ڪيو ويندو.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ جي تجويز، جنهن ۾ غزه جي مستقبل ۽ فلسطيني عوام جي جائز حقن سان لاڳاپيل ٻيا نقطا شامل آهن، هڪ گڏيل قومي موقف، بين الاقوامي قانونن ۽ قراردادن سان ڳنڍيل آهي.حماس چيو ته اهي مسئلا هڪ جامع فلسطيني قومي ڍانچي اندر حل ڪيا ويندا، جنهن ۾ حماس پنهنجي ذميوار شرڪت ۽ ڪردار ادا ڪندي.حماس ٽرمپ جي منصوبي جي ڪجهه نقطن تي تحفظات جو اظهار ڪيو ۽ اڳوڻي برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر جي تجويز ڪيل ڪردار کي رد ڪري ڇڏيو.ان دوران، حماس جي سينئر اڳواڻ موسيٰ ابو مرزوق واضح ڪيو ته اسرائيلي قبضي جي خاتمي کان اڳ حماس کي غير مسلح نه ڪيو ويندو، ۽ 72 ڪلاڪن اندر غزه جو ڪنٽرول حوالي ڪرڻ غير حقيقي آهي.

Hamas ready for peace planIsrael stops attack on GazaTrump