وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي آءِ ايم ايف کان بجيٽ سرپلس حدف تي نظرثاني جي درخواست

اسلام آباد:   وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن سبب آءِ ايم ايف کان بجيٽ سرپلس حدف تي نظر ثاني جي درخواست ڪري ڇڏي. ياد رهي ته عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) مشن سان صوبن جي بجيت سرپلس تي پاليسي سطح جون ڳالهيون ايندڙ هفتي کان شروع ٿينديون.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي اقتصادي جائزي جي لاءِ پاڪستان آيل عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جائزه مشن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي سطح جون ڳالهيون جاري آهن جنهن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ پاليسي سطح جون ڳالهيون ٿينديون.

ذريعن موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن جي آءِ ايم ايف جائزه مشن سان اهم ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ سبب 1464 ارب جو صوبائي بجيٽ سرپلس حدف حاصل نه ٿيڻ جو امڪان آهي.

صوبائي حڪومتن آءِ ايم ايف کان بجيٽ سرپلس حدف تي نظر ثاني جو مطالبو ڪيو آهي ته جڏهن ته وفاق طرفان به پرائمري بجيٽ سرپلس جا 3.1 ٽريلين حدف ۾ نظرثاني جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل مالي سال ۾ به صوبن حدف کان 280 ارب روپيه گهٽ بجيٽ سرپلس ڏنو هو انهي کان علاوه پنجاب جو 740 ارب روپين جو پرائمري بجيٽ سرپلس حدف حاصل نه ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته تازي ٻوڏ سبب سڀني کان وڌيڪ نقصان به پنجاب صوبي ۾ ٿيا آهن.

پنجاب حڪومت ڳالهين ۾ بجيٽ سرپلس تي اڃان تائين ڪنهن به قسم جي يقين دهاني نه ڪرائي آهي جڏهن ته سنڌ به مشن کي 370 ارب بجيٽ سرپلس جي نظرثاني جي درخواست ڪري ڇڏي آهي ۽ خيبرپختونخواهه بجيٽ سرپلس وفاقي حڪومت سان سمورا شيئر ملڻ سان جوڙي ڇڏيو آهي.

خيبرپختونخواهه 220 ارب ۽ بلوچستان 150 ارب کان وڌيڪ بجيٽ سرپلس جو واعدو ڪري رکيو آهي، ٽئي صوبا ٻوڏ سبب پرائمري بجيٽ سرپلس حاصل نه ڪري سگهندا.

 

Federal and Provincial Governments Request for Revision of IMF Mine Budget Surplus Target