نور زمان شارلٽس ول اسڪواش جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

واشنگٽن: آمريڪا ۾ جاري شارلٽس وِل اوپن اسڪواش ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جو نور زمان سيمِي فائنل ۾ پهچي ويو. ڪوارٽر فائنل ۾ نور زمان ٿرڊ سيڊ مصر جي يحييٰ الناصاواني کي شڪست ڏئي سيمِي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي. نور زمان ڪوارٽر فائنل ميچ صرف 35 منٽن ۾ ٽي زيرو تان کٽي ورتي. پاڪستاني رانديگر جي ڪاميابي جو اسڪور 11-9، 11-9 ۽ 11-9 رهيو. سيمِي فائنل ۾ نور زمان جو مقابلو ٽاپ سيڊ آمريڪا جي ٽموٿي براونيل سان ٿيندو. آمريڪا ۾ جاري شارلٽس وِل اوپن اسڪواش جي مجموعي انعامي رقم 31 هزار 250 ڊالر آهي.

Noor Zaman reached the semi-finals of the Charlottesville Squash