اسنيپ چيٽ تي مفت اسٽوريج جي سهولت ختم

ڪراچي: انسٽنٽ ميسيجنگ ايپ اسنيپ چيٽ ۾ هاڻي مفت اسٽوريج جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي، جنهن تحت يوزرز کي پراڻيون تصويرون ۽ وڊيوز محفوظ ڪرڻ لاءِ ادائيگي ڪرڻي پوندي. ايپ جي مالڪ ڪمپني اسنيپ اعلان ڪيو آهي ته هاڻ ايپ تي پراڻيون تصويرون يا وڊيوز محفوظ ڪرڻ لاءِ يوزرن کان فيس ورتي ويندي۔ هن وقت يوزر اسنيپ چيٽ جي “ميموريز” فيچر تحت 2016 تائين شيئر ڪيل تصويرون ۽ وڊيوز آساني سان ڏسي سگهن ٿا، پر جن وٽ 5GB کان وڌيڪ ميموريز ڊيٽا آهي، انهن کي هاڻي ان تائين رسائي لاءِ ادائيگي ڪرڻي پوندي. اسنيپ بي بي سي کي برطانيا ۾ لاڳو اسٽوريج پلانز جي قيمتن بابت تفصيل نه ٻڌايو، صرف ايترو چيو ته هي تبديلي آهستي آهستي عالمي سطح تي لاڳو ڪئي ويندي. 26 سيپٽمبر تي ڪيل هڪ اعلان ۾ اسنيپ ٻڌايو ته يوزرز 2016 کان پوءِ پنهنجي پليٽفارم تي هڪ کرب کان وڌيڪ ميموريز محفوظ ڪيون آهن. ڪمپني موجب گهڻن يوزرز لاءِ، جن وٽ 5GB کان گهٽ ميموريز آهن، ڪجهه به تبديل نه ٿيندو، پر جن وٽ 5GB کان وڌيڪ ميموريز آهن، يعني هزارين Snaps، انهن کي اسٽوريج وڌائڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جا نوان آپشنز ڏنا ويندا. ابتدائي ميموريز اسٽوريج پلانز ۾ 100GB، 250GB اسنيپ چيٽ+ سان گڏ، يا 5TB اسنيپ چيٽ پليٽينم سان گڏ شامل آهن. اسنيپ واعدو ڪيو آهي ته 5GB اسٽوريج جي حد کان وڌيڪ ڪنهن به ميموري لاءِ 12 مهينن تائين عارضي اسٽوريج فراهم ڪئي ويندي. هڪ X يوزر مبينه ادائيگي واري صفحي جا اسڪرين شاٽ شيئر ڪيا، جن ۾ سڀ کان سستو پلان 100GB اسٽوريج لاءِ مهيني جا 2.99 آسٽريلين ڊالر ڏيکاريا ويا آهن.

Free storage facility on Snapchat ends