اسرائيلي فوج جو "گلوبل صمود فلوٽيلا” تي آپريشن، 42 ٻيڙيون ۽ 450 رضاڪار گرفتار

اسرائيل:  اسرائيلي بحري فوج غزه لاءِ امداد کڻي ويندڙ "گلوبل صمود فلوٽيلا” تي وڏو فوجي آپريشن ڪندي 42 ٻيڙيون پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون ۽ انهن ۾ سوار 450 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. فلوٽيلا جي منتظمين موجب گرفتار ٿيلن ۾ اڳوڻو پاڪستاني سينيٽر مشتاق احمد، سوئيڊن جي ماحولياتي ڪارڪن گريتا ٿنبرگ ۽ نيلسن منڊيلا جو پوٽو نڪوسي زويليوليلي به شامل آهن.

رپورٽن موجب اسرائيلي بحري فوج ٻيڙين جو رابطي وارو نظام ۽ لائيو نشريات معطل ڪري قافلي کي روڪي ڇڏيو. قبضي ۾ ورتل ٻيڙين کي اشدود بندرگاهه منتقل ڪيو ويو آهي، جتان سماجي ڪارڪنن کي يورپ ڏانهن ڊي پورٽ ڪيو ويندو.فلوٽيلا جي منتظمين جو چوڻ آهي ته هڪ ٻيڙي "ميرينيٽ” اڃا به پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهي آهي، جڏهن ته عرب صحافي حسن مسعود سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي آهي ته ٻيڙي "مڪينو” غزه جي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿي وئي آهي.

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو هن ڪارروائي کي درست قرار ڏيندي پنهنجي بحري فوج کي شاباس ڏني. ٻئي پاسي يورپ، ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ اوڀر سميت سڄي دنيا ۾ هن واقعي خلاف سخت احتجاجي مظاهرا جاري آهن.

 

Israeli army seizes 42 boats and 450 volunteers in operation "Global Stability Flotilla"