شيراني ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا

شيراني:  بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنۃ الخوارج جا 7 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو، جڏهن⁠ته علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي موجودگي تي سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. آپريشن پهرين آڪٽوبر تي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي شڪست ڏني وئي آهي، حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، پاڪستان جي سالميت کي نقصان پهچائڻ وارا ڪامياب نه ٿيندا. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ به ڪوئيٽا ۽ ڪيج ۾ ڪارروائين دوران 13 دهشتگرد ماريا ۽ خضدار مان 4 گرفتار ڪيا ويا هئا.

7 terrorists were killedSecurity forces operation in Shirani