چين ۾چند منٽن ۾ ڀڳل هڏو جوڙڻ لاءِ ’بون 02‘ گلو تيار

بيجنگ:چيني سائنسدانن ’بون 2‘ نالي هڪ حياتياتي چپڪندڙ گلو (بایو ايڊیسو) تيار ڪيو آهي، جيڪو رڳو ٽن منٽن ۾ ڀڳل هڏين کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿو. طب جي دنيا ۾ هي هڪ وڏو ڪارنامو آهي. هي جديد گلو زيجيانگ يونيورسٽي جي سر رن رن شا اسپتال ۾ تيار ڪيو ويو آهي، هي نئين ايجاد دنيا ۾ آرٿوپيڊڪ علاج ۾ تمام وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿي، ڇو ته هي تيزي سان ڪم ڪندڙ ۽ گهٽ تڪليف ڏيندڙ متبادل آهي. ڇو ته موجوده طريقن موجب آپريشن ڪري ڀڳل هڏي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ لوهه جي راڊ يا مختلف ڌاتن جون پليٽون ۽ اسڪرو لڳايا ويندا آهن.
Bone-02 ڪيئن ڪم ڪري ٿو روايتي سرجري جي ڀيٽ ۾؟
گلوبل ٽائمز ۽ ٻين ذريعن مطابق، هي نئون چپڪندڙ مادو ڊاڪٽرن کي هڪ ننڍڙي چيري ذريعي صرف هڪ ئي انجڪشن سان ڀڳل هڏي کي صحيح ڪرڻ قابل بنائي ٿو. روايتي سرجري، جيڪا ڪلاڪن تائين هلي ٿي ۽ بعد ۾ ٻيهر آپريشن جي ضرورت پوي ٿي، ان جي ابتڙ Bone-02 منٽن ۾ هڏن جا ٽٽل ٽڪرا گڏ ڪري ٿو ۽ ڇهن مهينن ۾ فطري طور تي جسم ۾ جذب ٿي وڃي ٿو، جنهن سان ڌاتوءَ جا اوزار ڪڍڻ جي ضرورت نه ٿي رهي. هن تجربي ۾ شامل آرٿوپيڊڪ سرجن لن شيان فنگ چيو ته هي گلو رت سان ڀرپور ماحول ۾ به ڪم ڪري ٿو، جتي ٻيا روايتي چپڪندڙ مادا ناڪام ٿي وڃن ٿا. تجربن ڏيکاريو ته ان جي بندش طاقت 400 پائونڊ کان به وڌيڪ آهي، دٻاءَ برداشت ڪرڻ جي طاقت لڳ ڀڳ 10 ميگا پاسڪل ۽ شيئر اسٽرينٿ لڳ ڀڳ 0.5 ميگا پاسڪل آهي. هڪ ڪيس ۾، هٿ جي چنبي يا ڪلائي ڀڳل مريض کي 3 سينٽي ميٽر جي چيري ذريعي هڪ انجيڪشن سان علاج ڪيو ويو. ٽٽل هڏي صرف ٽن منٽن ۾ مستحڪم ٿي وئي ۽ ٽن مهينن اندر بغير ڪنهن پيچيدگي جي مڪمل طور ٺيڪ ٿي وئي.
هي حياتياتي چپڪندڙ گلو ٺاهڻ لاءِ الهام ڪٿان آيو؟
تحقيق ڪندڙن موجب، الهام اوئسٽر (oysters) مان آيو، جيڪي هڪ قدرتي گلو ڇڏين ٿا جنهن سان اهي پاڻي هيٺ لهرن ۾نمي ۽ ڪٽاءَ جي باوجود مضبوطي سان سطح تي چنبڙي وڃن ٿا. هن اصول کي نقل ڪندي ٽيم هڪ حياتياتي گلو ٺاهيو، جيڪو دٻاءَ کي برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ ماحول ۾ به مستحڪم رهي ٿو. بلڪل انساني جسم جي حالتن وانگر. ڪيترن سالن جي مواد جي چونڊ، انجنيئرنگ ۽ حفاظت جي تجربن کان پوءِ، هي چپڪندڙ گلو هڪ عملي حل طور سامهون آيو آهي، جيڪو طب جي دنيا ۾ وڏو بريڪ ٿرو آهي. Bone-02 چين ۾ اڳ ئي 150 کان وڌيڪ ڪلينڪل ڪيسن ۾ استعمال ٿي چڪو آهي ۽ نتيجن مان ظاهر ٿيو آهي ته ان سان تيز تر شفا ملي ٿي، انفيڪشن گهٽ ٿين ٿا ۽ بحالي جو عمل روايتي ڌاتوءَ جي فڪسنگ جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي.ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ان جي گهٽ تڪليف ڏيندڙ طريقي سان نه رڳو آپريشن جو وقت گهٽجي ٿو، پر وڏن چيرن ۽ ڌاتوءَ جي اوزارن سان لاڳاپيل خطرا به ٽري وڃن ٿا.

ک
"Bone 02" glue is ready to join bones in a few minutes in China