وزيراعظم شهباز شريف طرفان آزاد ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار، ڳالهين جي پاڻ نگراني جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ مظاهرن دوران پيش ايندڙ اڻوڻندڙ واقعن تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي معاملي جي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مظاهرين سان صبر ۽ بردباري جو مظاهرو ڪن، عوامي جذبات جو احترام يقيني بنايو وڃي ۽ غير ضروري سختي کان پاسو ڪريو.

 

هن چيو ته حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي، وزيراعظم مظاهرن دوران اڻوڻندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي واقعي جي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو ۽ احتجاجي مظاهرن سبب متاثر ٿيل خاندانن تائين فوري امداد پهچائڻ جي هدايت ڪئي.

 

حڪومتي سطح تي مسئلن جي پرامن حل لاءِ وزيراعظم ڳالهين جي ڪميٽي ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. ڳالهين واري ڪميٽي ۾ راڻا ثناءُالله، وفاقي وزير سردار يوسف ۽ احسن اقبال سميت اڳوڻو صدر آزاد جمون، ڪشمير مسعود خان ۽ قمرالزمانم ڪائره کي به شامل ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڳالهين واري ڪميٽي مظفر آباد وڃي ۽ مسئلن جو فوري طور تي حل ڪڍي، وزيراعظم ڪشمير ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ قيادت کي اپيل ڪئي آهي ته حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي سان تعاون ڪري.

وزيراعظم شهباز شريف ملڪ واپسي تي ڳالهين جي عمل جي نگراني جو اعلان ڪندي چيو ته ڪميٽي پنهنجون سفارشون ۽ انهن جو حل بنا ڪنهن دير جي وزيراعظم آفيس ڏانهن اماڻيندي.

announced that he would monitor the talks himselfPrime Minister Shehbaz Sharif expressed his concern over the situation in Azad Kashmir