ڪراچي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان رانديگرن جي نئين ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن مطابق پاڪستان جو نوجوان رانديگر صائم ايوب نمبر ون آل رائونڊر بڻجي ويو آهي. آءِ سي سي جي طرفان جاري ڪيل تازين ٽي ٽوئنٽي رانديگرن جي رينڪنگ موجب بيٽرز ۾ ڀارت جي اڀيشڪ شرما پهرين پوزيشن تي قائم آهي، جڏهن ته پاڪستان جو صاحبزاده فرحان 11 درجا بهتري بعد 13هين نمبر تي پهچي ويو آهي ۽ ڀارت جو سنجو سيمسن 8 درجا ترقي بعد 31هين نمبر تي اچي ويو آهي. سري لنڪا جو پاتھم نسانڪا ٻه درجا ترقي بعد پنجين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته ڀارتي ڪپتان سوریا ڪمار يادوو ٻه درجا تنزلي بعد 8هين نمبر تي هليو ويو، بابر اعظم ٻه درجا تنزلي بعد 37هين نمبر تي ۽ محمد رضوان 3 درجا تنزلي بعد 41هين نمبر تي پهچي ويا. ٽي ٽوئنٽي بالرز رينڪنگ ۾ ڀارت جو ورون چڪرورتي پهرين نمبر تي برقرار رهيو، جڏهن ته پاڪستان جو ابرار احمد 3 درجا تنزلي بعد 7هين نمبر تي هليو ويو۔ ڀارت جو ڪلدیپ يادوو 9 درجا ترقي بعد 12هين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته پاڪستان جو شاهين آفريدي 12 درجا ترقي بعد 14هين نمبر تي پهچي ويو. پاڪستان جو فاسٽ بالر حارث رئوف 5 درجا تنزلي بعد 33هين پوزيشن تي اچي ويو، جڏهن ته محمد نواز 5 درجا ترقي بعد 41هين نمبر تي پهچي ويو. آل رائونڊرن ۾ پاڪستان جي صائم ايوب ڀارت جي هاردڪ پانڊيا کان پهرين پوزيشن کسي ورتي ۽ 4 درجا ترقي بعد نمبر ون ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊر بڻجي ويو. پاڪستان جو محمد نواز 4 درجا ترقي بعد 13هين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته فهيم اشرف 4 درجا بهتري بعد 35هين نمبر تي پهچي ويو.