ڪوئٽه: سيڪيورٽي فورسز ڪوئٽه جي ڏوراهين علائقي غزا بند ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب گڏيل آپريشن شروع ڪيو جنهن دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي موجودگي جي گڏيل اطلاعن تي ڪيو ويو. گڏيل اطلاعن موجب غزه بند جي جابلو علائقن ۾ دهشتگردن جي ٽيم موجود هئي، دهشتگردن جي اها ٽيم مختلف دهشتگردانه ڪارروائين ۾ ملوث هئي.
ذريعن چيو ته آپريشن جي دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. فائرنگ دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا. فائرنگ دوران سيڪيورٽي فورسز جا 2 اهلڪار زخمي به ٿي پيا.
ذريعن موجب ڪامياب آپريشن جي دوران مارجي ويل دهشتگردن کان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.