لاهور: ڏکڻ آفريڪا خلاف هوم ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.قومي سليڪشن ڪميٽي هن سيريز لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. شان مسعود سيريز ۾ ٽيم جي اڳواڻي جاري رکندو، جڏهن ته 3 نوان رانديگر پڻ شامل ڪيا ويا آهن.آصف آفريدي، فيصل اڪرم ۽ روحيل نذير اسڪواڊ جو حصو هوندا.پاڪستان جي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم، محمد رضوان، شاهين شاهه آفريدي، عبدالله شفيق، امام الحق، سلمان علي آغا، سعود شڪيل، عامر جمال، حسن علي، خرم شهزاد، نعمان علي، ساجد خان، ڪامران غلام ۽ ابرار احمد شامل آهن.پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 12 کان 16 آڪٽوبر تائين قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته ٻيو ٽيسٽ ميچ 20 کان 24 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ۾ شيڊول آهي.