پهرين آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان

.اسلام آباد:   پهرين آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب پاڪستان ۾ پهرين آڪٽوبر 2025 کان ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ في ليٽر 4.65 روپين تائين واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 1.97 روپيه ۽ ايڇ ايس ڊي جي قيمت ۾ في ليٽر 2.48 روپين تائين اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.اضافي جو بنيادي سبب عالمي ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين ۽ مسلسل جيوپوليٽيڪل ڇڪتاڻ آهن. سرڪاري ذريعن موجب پيٽرول(موٽراسپرٽ) جي قيمت ۾ في ليٽر 1.97 روپين جي اضافي جو امڪان آهي. جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 2.49 روپين تائين اضافو ٿي سگهي ٿو.

 

October 1st increase in the prices of petroleum productswhich is likely