ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ نه ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد :فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) اعلان ڪيو آهي ته هو ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر تائين نه وڌائيندو، ايف بي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ نه ڪئي ويندي، جڏهن ته انتهائي مجبوري جي صورت ۾ ٽيڪس ادا ڪندڙ ڪميٽي جي منظوري سان وڌ ۾ وڌ 15 ڏينهن جي واڌ حاصل ڪري سگهن ٿا، بشرط واجب الادا ٽيڪس 30 سيپٽمبر 2025 تائين جمع ڪرايو وڃي.بيان موجب، اها خبر ته آئي آر ايس سسٽم سست آهي اهو به غلط آهي، ايف بي آر جو آئي آر ايس پليٽ فارم مڪمل طور تي فعال آهي ۽ سسٽم بغير ڪنهن رڪاوٽ جي ڪم ڪري رهيو آهي.ايف بي آر جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئين سادي انڪم ٽيڪس ريٽرن فارم ذريعي ريٽرن آساني سان جمع ڪرائي سگهجن ٿا.ايف بي آر وڌيڪ چيو ته آخري تاريخ تائين ريٽرن جمع نه ڪرائڻ جي نتيجي ۾ دير سان فائلر جي حيثيت حاصل ٿيندي ۽ قانون موجب سزا لاڳو ڪئي ويندي.

Declaration not to extend last date for submission of tax return