ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس هڪ لک 63 هزار پوائنٽن جو سنگ ميل به عبور ڪري ورتو. ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس جي شروعات مثبت انداز ۾ ٿي ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن انڊيڪس 854 پوائنٽن جي واڌ سان 163111 پوائنٽن تي پهتي، جيڪو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏي سطح آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي نوٽ ڪئي وئي آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ موقعي تي انڊيڪس مائنس ۾ هلي وئي پر وري گرين ٿي وئي.