لاهور: مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ 3 هفتن جي واڌ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
ڪورونا جو شڪار اڳوڻي پنجاب جو وڏو وزير ميان شهباز شريف کي ڊاڪٽرن وڌيڪ 3 هفتا آرام جو مشورو ڏنو آهي. جنهن سبب هن عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي. شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.
هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊاڪٽرن مون کي وڌيڪ 3 هفتا آرام جو مشورو ڏنو آهي. ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به درخواست سان گڏ آهن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عبوري ضمانت ۾ 3 هفتا واڌ ڪئي وڃي ۽ ضمانت مچلڪن تي صحيح ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي.
شهباز شريف جي درخواست تي جسٽس سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اڄ ٻڌڻي ڪندو.