اسلام آباد: تازو سانوڻي جي برسات سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ هنيئر تائين فوتين جو انگ 279 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ برساتن سبب 8 ڄڻا فوت، 21 زخمي ٿيا، پنجاب ۾ 6، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ هڪ شهري فوت ٿي ويو.
اين ڊي ايم اي موجب برساتن سبب زخمي ٿيل 21 ڄڻن جو تعلق پنجاب سان آهي. اين ڊي ايم اي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته برسات سبب هينئر تائين فوت ٿي ويلن جو انگ 279 ٿي ويو جڏهن ته 676 زخمي به ٿيا آهن.
اين ڊي ايم اي موجب پنجاب ۾ برسات سبب 151 ڄڻا فوت، 536 زخمي ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب 64 ڄڻا فوت، 80 زخمي، سنڌ ۾ 25 ڄڻا فوت، 40 زخمي، بلوچستان ۾ برسات سبب 20 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا.
انهي کان علاوه گلگت بلتستان ۾ برساتن سبب 9 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي، آزاد ڪشمير ۾ 2 ڄڻا فوت، 10 زخمي ٿيا جڏهن ته اسلام آباد ۾ 8 ڄڻا فوت، 3 زخمي ٿيا.
اين ڊي ايم اي موجب 24 ڪلاڪن ۾ برساتن سبب 362 گهرن کي نقصان پهتو ۽ 7 چوپايو مال مري ويو. برساتن سبب هينئر تائين گڏيل طور تي 1553 گهرن کي پڻ نقصان پهتو آهي جڏهن ته 374 چوپايو مال به مري ويو آهي.