ايشيا ڪرڪيٽ ڪائونسل اجلاس، ڀارت جو شرڪت کان انڪار

ڍاڪا : ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جو اجلاس 24 جولاءِ تي ڍاڪا ۾ ٿيڻو آهي، پر ڀارت ڍاڪا ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارتي بورڊ اي سي سي کي سرڪاري طور تي وينيو تبديل ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو آهي، جيڪڏهن اجلاس ٻئي هنڌ منتقل نه ڪيو ويو ته ڀارتي بورڊ اجلاس کان دستبردار ٿي سگهي ٿو.ڀارتي ميڊيا موجب بنگلاديش جي سياسي صورتحال جي ڪري ڀارتي بورڊ جو اتي وڃڻ مناسب ناهي، ڀارتي بورڊ آگسٽ ۾ بنگلاديش ۾ سيريز به ملتوي ڪري ڇڏي آهي.ايشيا ڪپ لاءِ متبادل پلان طور 3 وينيو رکيا ويا آهن، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ حڪومت جي هدايتن جو انتظار ڪري رهيو آهي، پاڪستان-ڀارت ميچ جي غير يقيني صورتحال جي ڪري ايشيا ڪپ تي خدشن جا ڪڪر ڇانيل آهن.تجويز ڪيل شيڊول موجب ڀارت ايشيا ڪپ جو ميزبان آهي، ميزبان يو اي اي ٿي سگهي ٿو، ايشيا ڪپ 5 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان-ڀارت ميچ 7 سيپٽمبر تي شيڊول ڪيو ويو آهي.

Asia Cricket Council meeting