مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري، قيمتن ۾ وڏي اضافي جو امڪان

اسلام آباد: وفاقي سرڪار مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي، پهرين جولاءِ کان قيمتن ۾ وڏي اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ 15 روپيه في ليٽر تائين اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 15 روپيه في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 11 روپيه في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.

اوگرا اڄ سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻيندو جنهن کان پوءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ رات جو ڪيو ويندو. ناڻي وارو وزير وزيراعظم سان مشاورت کان پوءِ نئين قيمتن جو حتمي اعلان ڪندو.

ياد رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾  ٻارڻ واري تيل جي قيمتن ۾ اضافي ۽ روپئي جي قدر ۾  گهٽتائي سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

Preparing to drop a petrol bomb on the people suffering from inflation