اسلام آباد: وفاقي حڪومت 175 کربن کان وڌيڪ (17 هزار 573 اربن) جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته مالي سال 26-2025 لاءِ اقتصادي ترقي جي شرح 4.2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، مهانگائي جي شرح 7.5 سيڪڙو، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 3.9 سيڪڙو، پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 2.4 سيڪڙو هوندو.
وفاقي بجيٽ ۾ ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڪاٿو 14 هزار 131 ارب رپيا آهي، ان کانسواءِ دفاعي بجيٽ لاءِ 2559 ارب رپيا رکيا ويا آهن، وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 11 هزار 72 ارب رپيا هوندي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ڪُل خرچن جو ڪاٿو 17 هزار 573 ارب رپيا آهي، پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام لاءِ هڪ هزار ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي.
بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 10 ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي، جڏهن ته پگهارن تي انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ گٽتائي ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري وزير چيو ته 6 لک رپين کان 12 لک رپين تائين سالياني پگهار کڻندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو مان گهٽائي 2.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
اهڙي ريت 12 لک سالياني آمدني واري پگهادارن تي ٽيڪس جي رقم کي 30 هزارن مان گهٽائي 6 هزار ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
جيڪي ماڻهو 22 لک رپين تائين سالياني پگهار کڻندا آهن، انهن لاءِ گهٽ کان گهٽ ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو بدران 11 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
22 لک رپين کان 32 لک رپيا ساليانو پگهار کڻندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو مان گهٽائي 23 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
بجيٽ ۾ ملڪيت جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح 4 سيڪڙو مان گهٽائي 2.5 سيڪڙو ۽ 3.5 مان گهٽائي 2 سيڪڙو ۽ 3 سيڪڙو مان گهٽائي 1.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
اهڙي ريت ڪمرشل ملڪيتن، پلاٽن ۽ گهرن جي منتقلي تي گذريل سال لاڳو ڪئي ويندڙ 7 سيڪڙو تائين فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ملڪيت جي خريداري تي اسٽامپ پيپر ڊيوٽي 4 مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب بجيٽ پيش ڪندي چيو ته سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته درآمد ٿيل ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل سولر پينل وچ ۾ مسابقت ۾ برابري يقيني بڻائڻ لاءِ تجويز آهي ته سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته اهو قدم پاڪستان ۾ سولر پينل جي مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
شريڪ حيات جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن جو مدو 10 سالن تائين محدود ڪيو ويو.
ناڻي واري وفاقي وزير بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پينشن اسڪيم ۾ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي تبديليون ڪيون ويون، جنهن سبب سرڪاري ناڻي تي بار وڌيو، پينشن اسڪيم کي درست ڪرڻ ۽ سرڪاري ناڻي تي بار گهٽائڻ لاءِ حڪومت پينشن اسڪيم ۾ سڌارا ڪيا آهن.
هن ٻڌايو ته پينشن اسڪيم ۾ جيڪي سڌارا ڪيا ويا آهن، انهن ۾ وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي حوصلا شڪني ۽ پينشن ۾ واڌ ڪنزيومر پرائس انڊيڪس سان جوڙي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته شريڪ حيات جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن جو مدو 10 سالن تائين محدود ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ کان وڌيڪ پينشنز جو خاتمو ڪيو ويو آهي، رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيهر ملازمت جي صورت ۾ پينشن يا پگهار مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
وفاقي بجيٽ ۾ 850 سي سي تائين جي ننڍين گاڏين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب موجب ان قدم جو مقصد پيٽرول، ڊيزل ۽ هائبرڊ گاڏين تي سيلز ٽيڪس ۾ هڪ جهڙائي آڻڻ آهي.
بجيٽ ۾ غير رجسٽرڊ ڪاروبار خلاف سخت قدمن جو به اعلان ڪيو ويو آهي.
غير رجسٽرڊ ڪاروبار ڪندڙن جا بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويندا ۽ انهن جي ملڪيت جي منتقلي تي پابندي هوندي، جڏهن ته سنگين ڏوهن جي صورت ۾ ڪاروباري هنڌ سيل ۽ سامان ضبط ڪري سگهبو پر لاڳاپيل ڌر کي 30 ڏينهن اندر اپيل جو حق حاصل هوندو.