عالمي بينڪ پاران پاڪستان کي 40 ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد: اقتصادي معاملن واري وزارتِ عالمي بينڪ جي ملڪ سان شراڪتي فريم ورڪ تي جامع عملدرآمد لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت عالمي بينڪ پاڪستان کي 2026ع  کان 2035ع تائين 40 ارب ڊالر فراهم ڪندي، ڊويزن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته عالمي بينڪ پهريون ڀيرو 5 سال بدران 10 سال لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو آهي، دستاويز موجب، پهرين مرحلي ۾ عالمي بينڪ پاڪستان کي 20 ارب ڊالر جو قرض فراهم ڪندو، جيڪو تعليم، صحت، ماحولياتي تبديلي، صاف توانائي ۽ بهتر هوا جي معيار لاءِ استعمال ڪيو ويندو.