لاهور : پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ رٿيل ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٽنهي ميچن لاءِ تجربيڪار امپائر ۽ ميچ ريفري مقرر ڪيا ويا آهن.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي ايليٽ ميچ ريفريز پئنل سان واسطو رکندڙ سري لنڪا جي رنجن مدوگالي کي سيريز لاءِ ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي.
پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ آصف يعقوب ۽ راشد رياض آن فِيلڊ امپائر هوندا، جڏهن ته احسن رضا ٿرڊ امپائر ۽ فيصل خان آفريدي چوٿين امپائر جي ذميواري سنڀاليندو.
ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ راشد رياض ۽ وقار فيصل خان آفريدي آن فِيلڊ امپائر هوندا، احسن رضا ٿرڊ امپائر ۽ آصف يعقوب فورٿ امپائر هوندو.
ٽِين ميچ لاءِ احسن رضا ۽ آصف يعقوب آن فِيلڊ امپائر طور ڪم ڪندا، جڏهن ته فيصل خان آفريدي ٿرڊ امپائر ۽ راشد رياض وقار چوٿين امپائر جا فرض سرانجام ڏيندو .