عدالت طرفان عرفان لغاري جي اڄ قبرڪشائي جو حڪم، وارث چاهين ته پوسٽ مارٽم به ڪرائي سگهن ٿا: سيشن جج

نوشهرو فيروز : ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشهروفيروز جي عدالت عرفان لغاري جي لاش وارثن حوالي ڪرڻ ۽ اڄ شام تائين سندس قبرڪشائي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
درخواستگذار عدالت کي آگاهه ڪيو ته سندس ڀاءُ عرفان لغاري جو مڙهه سول اسپتال حيدرآباد مان وارثن جي اجازت کانسواءِ پوليس لاوارث قرار ڏئي، موري تعلقي جي ڳوٺ ماري جي مولاڻ محمد قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو هو.
عدالت، فريادي جي وڪيل نور محمد تنيو جي دليلن کان پوءِ اهو قرار ڏنو ته قربان علي لغاري، عرفان لغاري جو سڳو ڀاءُ ۽ قانوني وارث آهي، جڏهن ته عدالت پوليس طرفان وارثن جي اطلاع ۽ اجازت کانسواءِ دفن ڪرڻ واري عمل تي افسوس جو اظهار ڪيو.
عدالتي حڪم موجب، قبرڪشائي جي ڪارروائي اسسٽنٽ ڪمشنر مورو جي سهڪار ۽ مئجسٽريٽ جي نگراني هيٺ مڪمل ڪئي وڃي، جڏهن ته درخواستگذار قربان علي لغاري ۽ سندس وڪيل جي موجودگي کي به يقيني بڻائڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.
عدالت واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن وارث چاهين ته قانوني ضابطن تحت لاش جو پوسٽ مارٽم به ڪرائي سگهن ٿا.
عدالت پوليس کي ڪنهن به غيرقانوني قدم کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندي، ايس ايس پي نوشهروفيروز کي حڪم ڏنو آهي ته مڙهه تائين رسائي لاءِ ترت جوڳا قدم کنيا وڃن.
ان کانسواءِ پوليس کي ڪنهن به غيرقانوني قدم کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عدالت طرفان 29 مئي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو آهي.