آءِ ايم ايف سان بجيٽ حدفن تي اتفاق نھ ٿيو، ڳالهيون جاري رکڻ جو اعلان

اسلام آباد: پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ حدفن تي مڪمل طور تي اتفاق راءِ نه ٿي سگهيو، پر آءِ ايم ايف نئين مالي سال جي بجيٽ تي ڳالهيون جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف وفد پاڪستان جو دورو مڪمل ٿيڻ تي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، آءِ ايم طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان اختيارين سان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي اتفاق راءِ جي لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ڳالهيون جاري رهنديون.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف وفد جو پاڪستان جو دورو 19 مئي تي شروع ٿيو، آءِ ايم ايف وفد جي اڳواڻي نيٿن پورٽر ڪئي، پاڪستان سان تازي معاشي صورتحال، قرض پروگرام تي عمل ڪرڻ ۽ ايندڙ بجيٽ تي ڳالهيون ٿيون، پاڪستان سان ڳالهيون مثبت رهيون. پڌرائي موجب پاڪستان مالي استحڪام ۽ سماجي خرچن جي تحفظ جو ارادو ورجايو. ايندڙ مالي سال جي دوران پرائمري سرپلس جي ڊي پي جي 1.6 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ تي پڻ اتفاق ٿيو.

No agreement on budget targets with IMF