فيلڊ مارشل پاران رات جي ماني، سياسي ۽ فوجي قيادت جي شرڪت

راولپنڊي : آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ‘سچ جي جنگ، آپريشن بنيان الرمرصوص’ دوران سياسي قيادت جي دانشمندانه رهنمائي، هٿياربند فوج جي ثابت قدمي ۽ پاڪستاني عوام جي بي مثال جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڊنر جو انتظام ڪيو، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين سياسي ۽ فوجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير پاران ڏنل ڊنر ۾ صدر ۽ وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزيرن، گورنرن ۽ وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، ٻنهي سروسز چيفس، سياسي پارٽين جي اعليٰ قيادت، اعليٰ سرڪاري عملدار ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، فيلڊ مارشل انصاف جي جنگ ۾ سياسي قيادت جي دور انديشي کي ساراهيو، جڏهن ته ڀارتي پروپيگنڊا مهم جي خلاف پاڪستاني نوجوانن ۽ ميڊيا جي پرعزم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن کي ‘لوهي جي ڀت’ قرار ڏنو. هن موقعي تي فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير پاڪستاني سائنسدانن، انجنيئرن ۽ سفارتڪارن جي بي مثال پيشه ورانه صلاحيت ۽ عزم جي تعريف ڪئي، جيڪي هن تڪرار دوران تمام اهم ثابت ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب، ڊنر ۾ شرڪت ڪندڙن هٿياربند فوج جي قربانين ۽ همت جي تعريف ڪئي، جڏهن ته فيلڊ مارشل وردي ۾ هٿياربند فوج جي هم آهنگي جي به تعريف ڪئي.

Dinner by the Field Marshal