سيد عاصم منير کي ”بيٽن آف فيلڊ مارشل“ جي اعزاز سان نوازيو ويو

اسلام آباد : صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سيد عاصم منير کي ”بيٽن آف فيلڊ مارشل“ جو اعزاز عطا ڪري ڇڏيو.
آرمي چيف عاصم منير کي بيٽن آف فيلڊ مارشل ڏيڻ جي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن ۾ پرڏيهي سفارتڪارن، سول ۽ عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ اسان پنهنجي هيروز جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهيون، ڀرپور ۽ اثرائتي جواب سان دشمن گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيو، اسان جي عسڪري قيادت دشمن خلاف بي مثال ۽ تاريخي فتح حاصل ڪئي ۽ دشمن جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.
هن چيو ته ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ سيد عاصم منير جو جذبو ۽ عزم مثالي هو، وطن لاءِ سندس خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.
صدر آصف علي زرداري چيو ته سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقري ڏيڻ لاءِ مون لاءِ فخر جو لمحو آهي، جڏهن ته مون کي ان جي منظوري ڏيڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي، اڄوڪي تقريب ۽ ڏينهن فيلڊ مارشل جي قومي خدمتن جي اعتراف جي شهادت ڏئي رهيو آهي.