جڳ مشهور ڪرپٽو ڪرنسي بِٽ ڪوائن جي قيمت هڪ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، جيڪا 1 لک 10 هزار آمريڪي ڊالرن کان به وڌي وئي آهي.
ان کان اڳ هلندڙ سال جنوري ۾ بِٽ ڪوائن 1 لک 9 هزار ڊالرن جي رڪارڊ سطح کي ڇهيو هو، پر هاڻوڪي واڌ ان پوئين رڪارڊ کي به مات ڏئي ڇڏي آهي.
قيمت ۾ هي نئون واڌارو ڪيترن ئي عالمي واقعن جي نتيجي ۾ سامهون آيو آهي، جن ۾ خاص طور تي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري تڪرار ۾ گهٽتائي ۽ يورپ ۽ ايشيا ۾ وياج جي شرح ۾ لاٿ شامل آهن.
بِٽ ڪوائن سان گڏ ٻين وڏين ڪرپٽو ڪرنسيز، جهڙوڪ اِٿيريم، سولانا، ڊوج ڪوائن، ۽ ڪارڊانو جي قيمتن ۾ به واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.