رانديگرن کي تجربي يا شهرت جي بنياد تي نه چونڊيو ويو آهي،هيسن

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن قومي مردن جي ٽيم ۾ رانديگرن جي شموليت بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. مائيڪ هيسن هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته رانديگرن کي ٽيم لاءِ انهن جي تجربي يا شهرت جي بنياد تي نه چونڊيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته ٽيم ۾ رانديگرن جي چونڊ واضح طور تي بيان ڪيل ڪردارن تي منحصر هوندي ۽ هر ڪنهن کي ٽيم جي منصوبي مطابق ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته منهنجو مقصد هڪ جديد ۽ ڪامياب ٽيم ٺاهڻ آهي جيڪا دلچسپ ڪرڪيٽ کيڏي.

Players are not selected based on experience or reputation