واشنگٽن: آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ اسرائيلي ميوزم لڳ 2 اسرائيلي سفارتڪار حملي ۾ مارجي ويا. حملي آور فائرنگ بعد فلسطين کي آزاد ڪريو جا نعرا هنيا. مارجي ويل اسرائيلي جوڙو هڪ تقريب ۾ شرڪت بعد جيئن ئي ٻاهر آيو ته مٿن فائرنگ ڪئي وئي.آمريڪا جي ميٽروپوليٽن پوليس چيف پاميلا اسمٿ جو چوڻ آهي ته 30 سالن جي حملي آور الياس روڊريگوئيز کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ان جو تعلق شڪاگو سان آهي. آمريڪا ۾ اسرائيل جي سفير حملي جي مذمت ڪندي ٻڌايو ته مقتول جوڙو مڱڻي ڪرڻ وارو هو.