مورو: تڪراري ڪينالن خلاف احتجاج دوران شهيد ٿيل قومي ڪارڪن جو لاش رکي هنيل ڌرڻو جاري

مورو:  گذريل ڏينھن تڪراري ڪينالن خلاف احتجاج دوران شھيد ٿيل قومي ڪارڪن جو لاش مورو قومي شاھراھ تي پيل آھي مظاھرين سان اظھار يڪجھتي لاء حيدرآباد بار جو اڳوڻو صدر ڪي بي لغاري پھچي ويو آھي.

انهي موقعي تي ڪي بي لغاري جو چوڻ هو ته سنڌ جي حقن ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن خلاف احتجاج ڪندڙ پرامن سنڌي نوجوانن تي شيلنگ ۽ فائرنگ جي مذمت ڪريون ٿا. اسان سنڌ خاطر جانيون قربان ڪندڙ شهيدن جي وارثن سان گڏ آھيون مورو شھر ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به پاڻ ملھايو ھئو ۽ ھاڻ به جدوجھد جي ميدان ۾ آھي ان لاء حڪومت کي وقت سر فيصلو ڪرڻو پوندو

هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينال منصوبو رد ڪري عوام ۾ ڦلھيل بي چيني ۽ غصو ختم ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ ھي سند جا ماڻھو ھنن جي ڪوڙي بيانن ۾ اچڻ وارا نه آھن

Moro: The protest against the disputed canal continues