خضدار: اسڪول بس تي آپگهاتي حملو، 3 ٻارن سميت 5 ڄڻا شهيد، 38 زخمي

خضدار:  بلوچستان جي شهر خضدار ۾ ٻارن کي اسڪول کڻي ويندڙ هڪ بس تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 3 ٻارن سميت 5 ڄڻا شهيد جڏهن ته 38 زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ موجب افسوسناڪ واقعو خضدار ويجهو زيرو پوائنٽ تي پيش آيو جتي هڪ اسڪول وين معمول موجب ٻارن کي کڻي وڃي رهي هئي ته اوچتو زوردار ڌماڪي تباهي مچائي ڇڏي. واقعي واري هنڌ موجود اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته ڌماڪي جي شدت ايتري وڌيڪ هئي جو بس مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ ڪيترائي زخمي ٻار روڊ تي وڃي ڪريا.

ضلعي انتظاميه موجب شروعاتي جاچ مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اهو حملو آپگهاتي هو جنهن ۾ حملي آور بس جي ڀرسان پاڻ کي اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون جن زخمين کي فوري طور تي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. ڪجهه ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتگين ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ٻئي طرف پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن فوري طور تي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي. واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، دهشتگردي جي سهولتڪارن جي ڳولا جاري آهي.

ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واقعي تي رد عمل جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته اهو حملو ملڪ ۾ بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن فوت ٿي ويل ٻارن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙن ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي.

محسن نقوي چيو ته قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي ڇو ته دشمن جي اها ڪوشش آهي ته اسان جي اندر تفرفو پيدا ڪري هن چيو ته رياست اهڙن عناصرن جي خلاف مڪمل طاقت سان ڪارروائي ڪندي هن زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

5 people including 3 children martyredKhuzdar: Deadly attack on school bus