راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته دهشتگرد ڀارت پنهنجي ايجنٽن ذريعي بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ اسڪول جي ٻارن جي بس تي بزدلاڻو ۽ وحشياڻو حملو ڪرايو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ اڄ هڪ ٻئي بزدلاڻي ۽ وحشياڻي حملي ۾ اسڪول ويندڙ معصوم ٻارن جي بس کي نشانو بنايو ويو. اهو حملو ڀارت جهڙي دهشتگرد رياست منصوبه بندي جي تحت پنهنجي ايجنٽن جي ذريعي ڪرايو.
جنگ جي ميدان ۾ ناڪامي ٿيڻ کان پوءِ ڀارت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي ۽ بدامني پکيڙڻ جي لاءِ پنهنجن دهشتگردن کي سرگرم ڪري رکيو آهي ته جيئن پاڪستان ۾ خوف ۽ عدم استحڪام پيدا ڪري سگهجي.
آءِ ايس پي آر چيو آهي ته واقعي ۾ 3 معصوم ٻار ۽ 2 نوجوان شهيد جڏهن ته ڪيترائي ٻار زخمي ٿيا آهن. آپريشن بنيان مرصوص ۾ شرمناڪ ناڪامي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهترين ڪارروائي کان پوءِ ڀارت پنهنجي اهڙي دهشتگردي نيٽ ورڪس کي بطور رياستي هٿيار جي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستان ۾ هٿين خالي شهرين ۽ ٻارن کي نشانو بنائي سگهجي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته رياستي پاليسي جي طور تي دهشتگردي جو استعمال ڀارتي سياسي قيادت جي اخلاقي پستي ۽ بنيادي انساني حقن جي نفي آهي. اهڙي بزدلاڻي ڀارتي سرپرستي ۾ ڪيل حملن جي منصوبه سازن، سهولتڪارن ۽ حملي آورن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي انهي مڪروهه چهري کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو ويندو. پاڪ فوج پوري پاڪستاني قوم جي حمايت سان ڀارتي سرپرستي ۾ ڪيل دهشتگردي جو هر رخ سان جواب ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.