چين خلا ۾ ” سُپر ڪمپيوٽر “ تيار ڪرڻ جي رٿا تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

بيجنگ : چين خلا ۾ سپر ڪمپيوٽر نيٽورڪ قائم ڪرڻ جي منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو، ان مقصد لاءِ چين پاران پهريان 12 سيٽلائيٽس خلا ۾ لانچ ڪيا ويا آهن، جيڪي 2800سپر ڪمپيوٽر سيٽلائيٽ نيٽورڪ جو حصو آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اهي سيٽلائيٽس اي ڊي اي اسپيس ڪمپني، زيجيانگ ليبارٽري ۽ نيجيانگ هاءِ ٽيڪ زون گڏجي تيار ڪيا آهن.
اي ڊي اي اسپيس پاران جاري بيان موجب، اهي سيٽلائيٽس ڊيٽا جو تجزيو پاڻ ڪندا، جن لاءِ زميني اسٽيشنن تي ڀاڙڻ جي ضرورت نه هوندي.
اهي سيٽلائيٽس اي ڊي اي اسپيس جي اسٽار ڪمپيوٽر پروگرام جو حصو آهن ۽ بنيادي طور تي ٿري باڊي ڪمپيوٽنگ ڪانسٽيليشن جون شروعاتي سيٽلائيٽس آهن.
هر سيٽلائيٽ ۾ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) ماڊل لڳل آهي ۽ هر سيٽلائيٽ في سيڪنڊ 744 ٽي او پي ايس جي صلاحيت رکي ٿو.
اي ڊي اي اسپيس موجب، مجموعي طور تي اهي سيٽلائيٽس 5 پي او پي ايس (پيٽا آپريشنز في سيڪنڊ) تائين آپريشن ڪري سگهن ٿا، ۽ انهن جو بنيادي مقصد هزارين سيٽلائيٽس جو اهڙو نيٽورڪ ٺاهڻ آهي جيڪو هڪ هزار پي او پي ايس تائين پهچي سگهي.
اهي سيٽلائيٽس ليزر استعمال ڪري هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهندا ۽ 30 ٽيرا بائيٽس اسٽوريج شيئر ڪندا.
پهريان 12 سيٽلائيٽس سائنسي پي لوڊ سان لانچ ڪيا ويا.
اهي سيٽلائيٽس ٿري ڊي ڊجيٽل ٽوئن ڊيٽا به تيار ڪندا، جيڪي ايمرجنسي ريسپانس، گيمنگ ۽ سياحت لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا.
رپورٽ موجب، خلا تي ٻڌل سپر ڪمپيوٽر جا فائدا وقت بچائڻ کان به وڌيڪ آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روايتي سيٽلائيٽ ٽرانسميشن سُست هوندي آهي ۽ سيٽلائيٽ ڊيٽا جو صرف 10 سيڪڙو کان گهٽ حصو زمين تائين پهچي ٿو.