پاڪ-ڀارت معاملن جي ڪري آءِ سي سي جو ساليانو اجلاس اهم قرار

دبئي : انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي سالياني جنرل ميٽنگ 17 کان 20 جولاءِ تائين منعقد ٿيندي.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، آءِ سي سي جي سالياني ميٽنگ جو هنڌ سنگاپور هوندو.پاڪستان-ڀارت جي مسئلن جي ڪري آءِ سي سي جي سالياني ميٽنگ کي اهم سمجهيو پيو وڃي.انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي چيئرمين جئي شاهه پهريون ڀيرو آءِ سي سي جي سالياني جنرل ميٽنگ جي صدارت ڪندو، جنهن ۾ افغان عورتن جي ڪرڪيٽ جي قانون ۾ تبديلين ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ٻن نئين بالن تي بحث ڪيو ويندو.