پاڪستاني عورتوون موبائيل ۽ انٽرنيٽ ۾ جي استعمال ۾ اڳتي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ عورتن جو موبائيل انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جو رجحان تيزي سان وڌڻ لڳو آهي، پاڪستاني عورتن انهي معاملي ۾ پاڙيسري ملڪ جي عورتن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.نجي چينل جي رپورٽ موجب سيلولر ڊيجيٽل سروسز فراهم ڪندڙ عالمي اداري(جي ايس ايم اي) پنهنجي موبائل جينڊر گيپ رپورٽ 2025ع ۾ اعتراف ڪيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي ڊجيٽل شموليت ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جنهن کي پاڪستان جو ڊجيٽل بريڪ ٿرو قرار ڏنو ويو آهي.رپورٽ موجب پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن کان عورتن جي موبائل انٽرنيٽ استعمال ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي پر 2024 ۾ انهي حوالي سان نمايان اڳڀرائي ٿي جنهن ۾ مرد عورتن جي وچ ۾ موبائيل انٽرنيٽ جي استعمال جو فرق 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 25 سيڪڙو رهجي ويو آهي. هاڻ پاڪستاني عورتون مردن جي مقابلي ۾ صرف 25 سيڪڙو گهٽ موبائيل انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيون آهن انهي جي ابتڙ ڏکڻ ايشيا ۾ اهو ريشو هاڻ صرف 32 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ برقرار آهي. اندازي موجب خطي جون 33 ڪروڙ عورتون اڃان تائين موبائيل انٽرنيٽ کان محروم آهن.رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 45 سيڪڙو عورتون موبائيل انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيون آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اها شرح 39 سيڪڙو ۽ بنگلاديش ۾ صرف 26 سيڪڙو آهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2024 ۾ ڪيل سروس موجب سمورن ملڪن ۾ عورتن طرفان موبائيل انٽرنيٽ اپنائڻ جي اها سڀني کان وڌيڪ شرح هئي انهي ۾ ٻهراڙي جي عورتن جو ڪردار به نمايان رهيو.2023 ۾ 33 سيڪڙو پاڪستاني عورتون موبائيل انٽرنيٽ استعمال ڪنديون هيون جيڪو 2024 ۾ وڌي 45 سيڪڙو ٿي ويو انهي عرصي ۾ مرد صارفين ۾ به موبائيل انٽرنيٽ جي استعمال ۾ 7 سيڪڙو پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ مردن جي موبائيل ملڪيت جي حوالي سان پهرين نمبر تي آهي جتي 93 سيڪڙو مرد موبائيل فون جا مالڪ آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اها شرح 71 سيڪڙو ۽ بنگلاديش ۾ 68 سيڪڙو آهي.