غزه : غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 120 فلسطيني مارجي ويا، جڏهن ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ اسرائيلي دهشتگردي جي نتيجي ۾ مارجي ويل ٻارن جو انگ 45 تائين پهچي ويو آهي.غزه سول ڊفينس ايجنسي موجب، ڪالهه صبح کان جاري اسرائيلي بمباري ۾ مارجي ويلن جو انگ 120 تائين پهچي ويو آهي.قتل عام کان پوءِ، حماس عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي هن “وحشي جارحيت” جو ذميوار قرار ڏنو وڃي.فرانسيسي نيوز ايجنسي اي ايف پي موجب، اهي حملا غزه جي محاصري واري پٽي تي جاري اسرائيلي حملي جو حصو آهن، جتي هڪ آمريڪي حمايت يافته تنظيم اعلان ڪيو آهي ته هو هن مهيني جي آخر تائين امدادي سامان پهچائڻ شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. غزه کي امداد 2 مارچ کان معطل ڪئي وئي آهي، اسرائيل ان کي حماس تي دٻاءُ وجهڻ جي هڪ حڪمت عملي قرار ڏنو آهي، پر حماس جو چوڻ آهي ته انساني امداد جي بحالي ڳالهين شروع ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ شرط آهي. تازين قتل عام کان پوءِ، حماس عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيل کي هن وحشي جارحيت جو ذميوار قرار ڏنو وڃي.