پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. تفصيل موجب عالمي مارڪيٽ ۽ پيٽرول تي درآمدي پريميم ۾ معمولي گهٽتائي سبب پيٽروليم شيون سستيون ٿي سگهن ٿيون. پيٽروليم ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.5 ۽ روپيه في ليٽر جي گهٽتائي جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده ٽيڪس جي شرح جي بنياد تي 15 مئي تي ٿيندڙ حتمي حساب سان پيٽرول جي ايڪس ڊپو قيمت ۾ تقريبن 3.5 رپيه  گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 7 روپيه في ليٽر گهٽ ٿي سگهي ٿي.

پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽٽائي جو اندازو گذريل ٻن هفتن جي دوران پيٽرول جي عالمي قيمت ۾ تقريبن 1.5 ڊالر في بيرل ۽ ڊيزل ۾ تقريبن 3 ڊالر في بيرل گهٽتائي جو اندازو لڳايو ويو آهي. ايڪس ڊپو پيٽرول جي موجوده قيمت 252.65 روپيه في ليٽر آهي.