ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا ۽ مشهور ميزبان ناديا خان هندستان-پاڪستان تڪرار دوران هندستاني ميڊيا جي رپورٽنگ تي هڪ دلچسپ تبصرو ڪندي چيو آهي ته هندستاني ميڊيا مودي کي ايشوريا راءِ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي، ناديا خان هندستاني چينلز جي رپورٽنگ کي صرف تماشو قرار ڏنو ۽ چيو ته هندستاني ميڊيا صحافت جي بدران مزاحيه فلم جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي.ناديا خان چيو ته هندستاني ميڊيا جي ڪوريج کي ڏسندي ائين لڳي ٿو ته اسڪرپٽ اڳ ۾ لکيو ويو آهي، رپورٽرن جي وڊيوز، گرافڪس ۽ باڊي لينگويج سڀ ڪجهه ايترو ٺهيل ۽ تيار ڪيو ويو هو جو اهو محسوس ٿيو ته اهو سڀ ڪجهه 2 مهينا اڳ رڪارڊ ڪيو ويو هو.