پاڪستان ۽ ڀارت جنگ بندي لاءِ راضي ٿي ويا آهن، صدرٽرمپ جو اعلان

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هندوستان ۽ پاڪستان فوري جنگ بندي لاءِ راضي ٿي ويا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو اهي ته هندستان ۽ پاڪستان آمريڪي ثالثي هيٺ فوري طور تي مڪمل جنگ بندي تي متفق ٿيا آهن، آمريڪي صدر چيو ته هندوستان ۽ پاڪستان مڪمل ۽ فوري طور تي جنگ بندي تي متفق ٿيا آهن. ٻنهي ملڪن کي مبارڪباد ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت دانشمندي ۽ سمجھ جو مظاهرو ڪيو آهي. پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به ان جي تصديق ڪندي ايڪس تي بيان جاري ڪيو آهي. ڀاارت جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اڪبرالدين بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارتي سرڪار پاران اڃا اهڙو اطلاع ناهي مليو پر جيڪڏهن پاڪستان ڇڪتاڻ نٿو وڌائڻ چاهي ته ڀارت به معاملو اڳتي نه وڌائيندو. هن چيو ته 22 اپريل تي پهلگام واقعي بعد ڀارت پاڪستان ۾ ڪاروائي ڪئي.

Pakistan and India have agreed to a ceasefire