اچو ته گڏ ٿي، خدا جا ساٿي بڻجي، اڳتي وڌون، نئين پوپ جو پيغام!

ڪراچي: سينٽ پيٽرز بيزيليڪا جي بالڪوني تان نالي جو اعلان ٿيڻ کان اڳ ئي ميڙ ۾ موجود ماڻهن “پوپ زنده باد” جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڏنا. 69 ورهين جو رابرٽ پريوسٽ سينٽ پيٽر جي منصب تي ويهڻ وارو 267هون پوپ آهي. جن کي “پوپ ليو چوڏهون ” جو لقب ڏنو ويو آهي. هو پوپ بڻجڻ وارو پهريون آمريڪي شخص آهي، جيتوڻيڪ کين لاطيني آمريڪا جو ڪارڊينل سمجھيو ويندو آهي، ڇو ته آرچ بشپ ٿيڻ کان اڳ هو ڪيترائي سال پيرو ۾ مشنري طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو آهي. رابرٽ پريوسٽ 1955ع ۾ شڪاگو ۾ پيدا ٿيو. کيس 1982ع ۾ پادري جو درجو ڏنو ويو. ان کان ٽي سال پوءِ هو پيرو هليو ويو، پر وقت بوقت آمريڪا به ايندو رهندو هو. انهن وٽ پيرو جي شهريت به آهي، ۽ کين اهڙي شخصيت طور ياد ڪيو ويندو آهي جنهن پسمانده طبقات جي فلاح لاءِ ڪم ڪيو ۽ مقامي چرچز جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو. هن ڏهه سال مقامي پادري طور خدمتون ڏنيون ۽ اتر اولهه پيرو جي ٽرجيلو واري علائقي جي هڪ مذهبي اسڪول ۾ استاد طور به ڪم ڪيو. نئين پوپ ويٽيڪن ۾ هزارين پوئلڳن سان انگريزي ۽ اطالوي زبان ۾ مخاطب ٿيندي چيو: “توهان تي سلامتي هجي. ڀائرو ۽ ڀينرو، مان توهان جي خاندانن کي، توهان سڀني کي، توهان جتي به آهيو، امن جو سلام موڪلڻ ٿو چاهيان.” هن پنهنجي اڳوڻي پوپ فرانسس کي ڀيٽا پيش ڪئي. ياد رهي ته پوپ بڻجڻ کان هڪ سال پوءِ فرانسس هن کي پيرو جي شهر چڪلايو جو بشپ مقرر ڪيو هو. نئين پوپ پنهنجي خطاب ۾ چيو: “اچو ته گڏ ٿي، خدا جا ساٿي بڻجي، اڳتي وڌون.” پريوسٽ ٻڌايو ته هو 30 ورهين جي عمر ۾ پيرو ويو هو. پوپ ليو چوڏهون، ان کان پوءِ انهن سڀني ڪارڊينلز جو شڪريو ادا ڪيو جن ٻن ڏينهن واري “ڪنڪليو” دوران کيس چونڊيو. ڇو ته پوپ چونڊڻ وارن 80 سيڪڙو ڪارڊينلز جي مقرري فرانسس ڪئي هئي، تنهن ڪري پريوسٽ جو پوپ چونڊجڻ ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي. هاڻ کيس اهڙي شخصيت طور ڏٺو ويندو جيڪو ڪيٿولڪ چرچ ۾ فرانسس جي سڌارن جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندو. جيئن ته هو آمريڪي آهي ۽ ڪيٿولڪ چرچ جي اندروني ورهاست کان چڱيءَ ريت واقف آهي، هن جو لاطيني آمريڪي پس منظر پڻ ارجنٽائن مان آيل پوپ جي تسلسل جي نمائندگي ڪري ٿو. جيئن ته پيرو ۾ آرچ بشپ طور سندن دور ۾ جنسي زيادتي جي اسڪينڊلن کان هو بچي نه سگهيو، پر انهن جي ڊائوسيز انهيءَ امڪان کي رد ڪيو آهي ته هو ڪنهن به اهڙي حرڪت ۾ ملوث رهيو. ڪنڪليو کان اڳ ويٽيڪن جي ترجمان ميتيو بروني چيو هو ته ڪارڊينلز جي گڏجاڻين دوران اهڙي پوپ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو هو جيڪو رڳو چرچ تائين محدود نه هجي، پر چرچ کان ٻاهر نڪري مايوسيءَ ۾ ورتل دنيا ۾ روشني آڻي سگهي.

'Let's come togetherbe God's partner