موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان برسات، ڳڙو پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي اڄ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان برسات  ۽ ڳڙو پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ ڪشمير، اتر، اوڀر پنجاب، خيبرپختونخواهه، اتر، اوڀر، ڏکڻ بلوچستان ڏکڻ، اوڀر سنڌ ۾ ڪجهه هنڌن  تي تيز هوائن سان برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته اڄ کان 12 مئي جي دوران کنوڻ سان تيز برسات سبب ڪمزور انفرا اسٽرڪچر(بجلي جا ٿنڀا، وڻ، گاڏيون، سولر پينل وغيره) کي نقصان پهچڻ جو امڪان آهي.

اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه تيز  هوائن ۽ کنوڻ سان تيز برسات جو امڪان آهي، انهي دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

مري، گليات، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، تله گنگ، ميانوالي، جهلم، منڊي بهاءُالدين، گوجرانواله، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال، لاهور، شيخو پوره، جهنگ، ملتان، ڊي جي خان ۽ ڀرپاسي ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه تيز هوائن ۽ کنوڻ سان تيز برسات جو امڪان آهي. انهي دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو.

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، سکر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ميرپورخاص ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائون هلڻ کان علاوه کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جي اميد آهي. انهي دوران ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي.