اسلام آباد: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جي زندگي کي خطرو آهي. هن عمران خان کي آزاد ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
علي امين گنڊاپور اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عمران خان کي آزاد ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، پي ٽي آءِ باني پوري مسلمان اُمت جو اڳواڻ آهي اميد آهي ته اسان کي انصاف ملندو.
خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پيرول تي آزادي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. هن درخواست داخل ڪرڻ جي لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق ڪرائي.
علي امين گنڊاپور لطيف کوسه ۽ شهباز کوسه جي ذريعي درخواست داخل ڪئي درخواست ۾ عدالت کان عمران خان جي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڀارت طرفان جارحيت کي منهن ڏيڻو آهي ۽ مختلف شهرن تي ڊرون حملن سبب پي ٽي آءِ باني جي حياتي کي جيل ۾ خطرو آهي.
هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سياسي طور تي ٺاهيل ڪيسز ۾ ڊگهي قيد سان بنيادي حق متاثر ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح جي قيد کان بچڻ جي لاءِ آئين ۾ پيرول تي آزاد ڪرڻ جي ريميڊي موجود آهي هن چيو ته پي ٽي آءِ باني يقين ڏياري ٿو ته پيرول تي آزاد ڪرڻ جي شرط تي عمل ڪيو ويندو.