جارحيت ڳچي ۾ پئجي وئي، ڀارت پاڪستان جو رد عمل برداشت نه ڪري سگهيو، آءِ پي ايل معطل

لاهور: پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سبب انڊين پريميئر ليگ(آءِ پي ايل) کي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ(بي سي سي آءِ) ليگ جي جاري ايڊيشن جي مستقبل تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هنگامي گڏجاڻي طلب ڪئي هئي جنهن ۾ اعليٰ عهديدار به شامل هئا.

گذريل ڏينهن پنجاب ڪنگز ۽ دبئي ڪيپٽلز جي وچ ۾ ميچ دوران هڪ واقعو پيش آيو جنهن دوران اعليٰ اختيارين ميچ کي روڪرائي ڇڏيو هو. جڏهن ته آءِ پي ايل چيئرمين ارون دهومل ميچ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته گرائونڊ ۾ ويٺل رانديگرن، ڪرڪيٽ جا شوقين به پريشان ٿي ويا هئا.

ياد رهي ته ڀارت آءِ پي ايل کي ملتوي ڪرڻ تي اهڙين حالتن ۾ مجبور ٿيو آهي جڏهن پاڪ فوج جي هٿان انهن جي رافيل جهاز اسرائيلي ساخته ڊرون ۽ ايل او سي تي پاڪ فوج جي جواب سبب ڀارتي وڏي پيماني تي عسڪري نقصان برداشت ڪري چڪو آهي.

ڀارت کي پاڪستان جي خلاف جارحيت کان پوءِ ناڪامي جو منهن ڏسڻ جي نتيجي ۾ نه صرف عالمي سطح تي اندروني طور تي به سخت دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جنهن کان پوءِ مودي سرڪار پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ جي لاءِ آءِ پي ايل ملتوي ڪرڻ سميت ٻيا فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿي رهي آهي.

ٻئي طرف گذريل ڏينهن آءِ پي ايل ۾ پيش آيل واقعي کان پوءِ چيئر ليڊر جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ انهي کي سخت خوف ۾ مبتلا ڏسي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته اوچتو پورو اسٽيڊيم خالي ڪرايو ويو، سڀ رڙيون ڪري رهيا هئا! شايد مان اڃان تائين صدمي ۾ آهيان.

India and Pakistan could not bear the reactionThe aggression got into trouble