لاهور: ڀارت جو جنگي جنون رڪجي نه سگهيو، پنجاب ۽ سنڌ ۾ اڄ صبح جاسوسي لاءِ آيل ڪيترن ئي ڀارتي ڊرونن کي تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته علائقن ۾ ڌماڪي جا آواز به ٻڌا ويا.
گهوٽڪي جي ڳوٺ سرفراز لغاري ۾ ڊرون ڪرڻ سبب هڪ هاري مختيار احمد شهيد ٿي ويو جڏهن ته سندس والد پٽ ۽ 2 نياڻيون زخمي ٿي پيون، گهوٽڪي پوليس ۽ رينجرز واقعي واري هنڌ پهچي وئي. اکين ڏٺن شاهدن موجب ڊرون اڄ صبح جو 4 وڳي زوردار ڌماڪي سان ڪري تباهه ٿيو. اکين ڏٺن شاهدن موجب گهوٽڪي ڀرسان کينجو جو مقامي مدرسو يا پوءِ ماڙي انرجي وارو گيس جو کوهه ٽارگيٽ ٿي سگهي ٿو.
گوجرانوالا ۾ صبح جو 2 ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا جنهن کان پوءِ ڪينٽ جي علائقي ۾ لڳل ايئر ڊفينس سسٽم حرڪت ۾ اچي ويو جنهن هڪ ڀارتي ڊرون کي نشانو بنائي ڪيرائي ڇڏيو، ڊرون شهر جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو ته ڪينٽ ايريا ۾ لڳل ايئر ڊفينس نظام وقت تي رد عمل ڏيندي انهي کي نشانو بنايو.
اهڙي طرح لاهور ۾ والٽن اولڊ ايئرپورٽ ۽ برڪي جي علائقي ۾ حساس هنڌ جي ڀرسان ڀارتي ڊرون ڪارروائي جي ڪوشش ڪئي پر پاڪ فضائيه جي ايئر ڊفينس سسٽم ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو. ڊرون جي فضا ۾ اڏام ۽ تباهه ٿيڻ سبب عوام ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. جڏهن ته مقامي ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.
جدو پارڪ جهيل ڀرسان پاڪ فوج ڀارتي ڊرون ڪيرائي ڇڏيو جنهن کان پوءِ جلو پارڪ ۾ داخلا بند ڪيو ويو، پوليس ايلٽ فورس جي ڳري نفري داخلي رستي تي مقرر آهي.
ڪراچي جي علائقي ملير، شرافي ڳوٺ ۾ به ڊرون ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن جنهن تي مقامي پوليس علائقي ۾ گهيري ۾ آڻي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
نيو ٽائون ٿاڻي جي علائقي ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ڀرسان دڪان تي نامعلوم ڊرون ڪريو، گيٽ نمبر 5 ڀرسان توقير عباس ۽ حيدر علي ڊرون ڪرڻ سبب زخمي ٿيا. ريس ڪورس گرائونڊ جي ڀرسان به ڊرون جهاز ڪرڻ جا اطلاع مليا. پوليس ۽ فوج جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي، ويجهن پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻارن کي موڪل ڏني وئي. ياد رهي ته اهڙن واقعن کان پوءِ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.