جنگي جهازن کي روڪڻ لاءِ چين پاران آمريڪا تي برتري جو اعلان

بيجنگ : مستقبل ۾ تائيوان بابت ڪنهن به تڪرار دوران، بيجنگ جو سڪسٿ جنريشن جنگي جهاز گوام ۾ واقع پرڏيهي هوائي اڏن جي فضائي حدن کي 1,000 ڪلوميٽر پري کان ٻن ڪلاڪن تائين بند ڪري سگهي ٿو، اهڙي دعويٰ چين جي هڪ فوجي ميگزين ۾ ڪئي وئي آهي . رپورٽ مطابق، هن ايندڙ نسل جي جنگي جهاز جو مقصد پيپلز لبريشن آرمي (PLA) جي انهن ڪمزورين کي نظر ۾ رکندي ٺاهيو ويو آهي، جيڪي آمريڪي B-21 اسٽيلٿ بمبار خلاف پهرين ٻيٽ واري زنجير (First Island Chain) اندر تڪرار جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿيون. هي جهاز، جيڪو گنڪگو پن وانگر شڪل رکي ٿو، ان کي غير سرڪاري طور تي J-36 سڏيو پيو وڃي ۽ پي ايل اي پاران ترقي جي مرحلي ۾ آهي. چين شپ بلڊنگ انڊسٽري ڪارپوريشن جي ملڪيت واري اشاعت Shipborne Weapons جي هڪ مقالي مطابق، جڏهن هي ڇهين نسل جو جنگي جهاز استعمال ۾ اچي ويندو، تڏهن پي ايل اي آمريڪا جي انهن جنگي جهازن کي روڪي سگهندي جيڪي پهرين ٻيٽ واري زنجير اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪندا. ان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هي جهاز فضائي حدن کي هڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين بند رکڻ ۽ گوام جي هوائي اڏن جي هوائي دفاع کي پري کان دٻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. چين جي دعوا آهي ته سندن هي جهاز آمريڪي هوائي فوج ۽ نيوي جو فضائي ۽ سامونڊي نظام جام ڪندو ۽ آمريڪي جهاز داخل نه ٿي سگهندا. آمريڪا وٽ اڃا ان جو ٽوڙ موجود ناهي.