آمريڪا ۾ وڏي پيماني تي فوجي عهدا ختم، پينٽاگون ۾ ٿرٿلو

واشنگٽن : آمريڪا جي دفاع واري سيڪريٽري پيٽ هيگسٿ سومر ڏينهن آمريڪي فوج ۾ ٽاپ گريڊ فور اسٽار آفيسرن جي انگ ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جو حڪم ڏنو آهي، جنهن سان پينٽاگون ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. اهڙي اعلان آمريڪي اسٽيبلشمينٽ يعني پينتاگون کي لوڏي ڇڏيو آهي. هيگسٿ اڳ ئي کليل نموني ۾ اهو اظهار ڪري چڪو آهي ته هو فوج جي سينئر ترين آفيسرن جي انگ کي تمام وڏو سمجهي ٿو. فاڪس نيوز جو اڳوڻو ميزبان هيگسٿ حيرتناڪ تيزيءَ سان دفاع کاتي کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي عمل ۾ لڳل آهي، جنهن ۾ هن ڪيترن ئي مٿاهين عهدن وارن جنرلن ۽ ايڊمرلن کي برطرف ڪيو آهي ته جيئن ٽرمپ جي قومي سلامتي جي ايجنڊا تي عملدرآمد ٿي سگهي ۽ انهن تنوع جي قدمن کي ختم ڪري سگهجي جن کي هو امتيازي سڏي ٿو. هڪ ميمو جيڪو سي اين اين جي نمائندي ڏسڻ بعد رپورٽ ڪرڻ جو چيو آهي ته هيگسٿ نيشنل گارڊ ۾ جنرل آفيسرن جو انگ به گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو ۽ سڄي فوج ۾ جنرل ۽ فليگ آفيسرن جي انگ ۾ 10 سيڪڙو اضافي گهٽتائي ڪئي ويندي هيگسٿ X تي پوسٽ ڪيل وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته “وڌيڪ جنرل ۽ ايڊمرل هجڻ سان ڪاميابي نه ايندي،” “هي ڪو سزا ڏيڻ لاءِ ڪو سخت قدم نه آهي، هي حقيقت کان بلڪل ابتڙ آهي،” هن چيو. هن وڌيڪ چيو ته هن اهو قدم جوائنٽ چييفز آف اسٽاف جي سهڪار سان کنيو آهي ۽ مقصد آهي “اسٽريٽجڪ تياري وڌائڻ.” پنهنجي تصديق واري ٻڌڻي دوران، هن چيو ته “اسٽاف جي سائيز ۽ ميدان ۾ فتح جي وچ ۾ هڪ ابتڙ لاڳاپو آهي.” هن وقت، هن چيو ته فوج ۾ 44 فور اسٽار آفيسرن جون پوزيشنون هيون. ان کان پوءِ، هن جوائنٽ چييفز آف اسٽاف جي چيئرمين، نيوي جي ٽاپ ايڊمرل ۽ نئشنل سيڪيورٽي ايجنسي جي ڊائريڪٽر کي هٽائي ڇڏيو. روڊ آئيلينڊ جي سينيٽر جيڪ ريڊ هن منصوبن بابت شڪ ظاهر ڪيو ۽ هيگسٿ تي بي سبب فوجي اڳواڻن کي برطرف ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. “مان هميشه دفاع واري کاتي ۾ ڪارڪردگي جو حامي رهيو آهيان، پر سخت عملي فيصلا حقيقتن ۽ تجزيي جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن، نه ڪي من پسند انگن تي،” ريڊ چيو، جيڪو سينيٽ جي آرمڊ سروسز ڪميٽي جو ٽاپ ڊيموڪريٽ ميمبر آهي. “اسان جي سڀني کان ماهر ۽ تجربيڪار آفيسرن جي پوزيشن کي بغير سٺي سبب جي ختم ڪرڻ سان فوج ۾ ‘ڪارڪردگي’ پيدا نه ٿيندي پر ان کي مفلوج ڪري سگهي ٿي.” سومر ڏينهن پنهنجي وڊيو ۾، هيگسٿ چيو ته هي ڪٽوتيون احتياط سان پر “جلدي” ڪيون وينديون. اهو واضح نه آهي ته ڪهڙيون پوزيشنون ختم ٿينديون. پينٽاگون پنهنجي عالمي موجودگي جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ هيگسٿ اهو به غور ڪري رهيو آهي ته ڪجهه جنگي ڪمانڊز کي ضم ڪري ڇڏجي، جيڪي دنيا جي مختلف علائقن ۾ آپريشن هلائين ٿيون ۽ انهن جي اڳواڻي فور اسٽار آفيسرن وٽ هوندي آهي. ممڪن آهي ته آمريڪي آفريڪي ڪمانڊ کي آمريڪي يورپي ڪمانڊ سان گڏ ڪيو وڃي، جنهن سان هڪ فور اسٽار پوزيشن گهٽجي ويندي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته آمريڪي سدرن ڪمانڊ، جيڪو لاطيني آمريڪا جي آپريشن لاءِ ذميوار آهي، ان کي آمريڪي ناردرن ڪمانڊ سان ضم ڪيو وڃي. ٻيون پوزيشنون جن تي هيگسٿ نظر رکي سگهي ٿو، انهن ۾ پئسفڪ ۾ آمريڪي آرمي فورسز جي اڳواڻي ۽ ڪوريا ۾ آمريڪي فورسز جي اڳواڻي شامل آهن. گذريل ڪجهه مهينن دوران پينٽاگون ۾ جيڪا اٿل پٿل ٿي آهي، اها صرف يونيفارم پائيندڙ آفيسرن تائين محدود نه رهي آهي. گذريل ڪجهه هفتن ۾ 3 ٽاپ سينئر آفيسر برطرف ڪيا ويا آهن، جنهن جو ڪارڻ 21 مارچ تي هيگسٿ جي چيف آف اسٽاف جي حڪم سان شروع ٿيل معلومات ليڪ جي جاچ هئي. برطرف ڪيل عملدارن ۾ ڊين ڪولڊ ويل به شامل آهي، جيڪو هيگسٿ جو پراڻو ساٿي رهيو آهي ۽ هن جو تمام بااعتماد مشير بڻجي چڪو هو. گذريل هفتي کيس پينٽاگون مان ٻاهر ڪڍيو ويو، هو ليڪس جي الزامن جي ترديد ڪري ٿو. ساڳئي وقت هيگسٿ جو نائب چيف آف اسٽاف، ڊيرن سيلنڪ به برطرف ڪيو ويو. ياد رهي صدر ٽرمپ اڳ ۾ ئي چيو هو ته آمريڪي اسٽيبلشمنٽ وڏي سائيز سبب سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪري ٿي، ان کي روڪڻ، غير ضروري خرچ گهٽائڻ ۽ فوجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي سڌارا ڪيا ويندا.

Large-scale military layoffs in the United States