ڄامشورو: ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تائين پاڻي نه پهچڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباهيءَ جي ڪنڌيءَ پهچي چڪو آهي، لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو، مقامي ماڻهو ۽ مهاڻا لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تائين پاڻي نه پهچڻ سبب انڊس ڊيلٽا وٽ لکين ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ ڳڙڪائڻ لڳو.
درياهه جي مٺي پاڻي جي کوٽ سبب ڊيلٽا ويجهو موجود آباديون لڏپلاڻ مجبور ٿي ويون آهن، جڏهن ته مهاڻن به پنهنجون ٻيڙيون ڪنارن تي بيهاري روزگار لاءِ پريشان آهن.
انڊس ڊيلٽا، جتي ڪنهن زماني ۾ سنڌوءَ ۽ سمنڊ جو پاڻ سنگم ٿيندو هو ۽ درياهه جو پاڻي سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندو هو، اڄ اتي درياهه جو مٺو پاڻي مڪمل طور غائب ٿي چڪو آهي. نتيجي طور، سمنڊ زرخيز زمينن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رهيو آهي.
سنڌو درياهه، جيڪو پنهنجي وهڪري سان لکين ٽن مٽي کڻي ايندو هو، اها مٽي سمنڊ ۾ وڃي نه رڳو آبي حيات کي سهارو ڏيندي هئي، پر تمر جي ٻيلن جي واڌ ويجهه لاءِ به اهم هوندي هئي.
سمنڊ طرفان زميون ڳڙڪائڻ سبب ڪناري لڳ شهر جهڙوڪ ڪٽي بندر، کاروڇاڻ، بگهاڻ، ٺاري شاهه ۽ ٻين علائقن جا رهواسي مٺي پاڻي جي کوٽ سبب سخت پريشان آهن ۽ ڪيترائي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. انهيءَ صورتحال سبب مهاڻن جي گذر سفر به ڏکيو بڻجي ويو آهي.
ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سامونڊي پٽيءَ تي ماهيگري ۽ زراعت کي به ڪپاري ڌڪ رسايو آهي.
ان کانسواءِ ڪيترن ئي مڇين جا نسل ختم ٿي ويا آهن، جن ۾ مشهور مڇي ”پلو“به ناياب ٿي چڪي آهي، جڏهن ته چانور، پان، ڪپهه، ڪيلا، ساڳ، ڀاڄين ۽ ٻين فصلن کي به وڏو نقصان رسيو آهي.
ماهرن ۽ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ترست جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا يا ڊيلٽا ڏانهن درياهه جو مٺو پاڻي نه ڇڏيو ويو ته انڊس ڊيلٽا مڪمل طور ختم ٿي سگهي ٿو، ساحلي علائقن جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ختم ڪر سگهي ٿو ۽ علائقي جو فطري ماحول وارو نظام (ايڪو سسٽم) به تباهه ٿي سگهي ٿو.